ورلڊ ٽينس رينڪنگ:پاڪستاني رانديگرياڻي 23 سالا اوشنا سهيل کي 1229 هين نمبر تي رکيو ويو

لاهور (اسپورٽس نيوز) ورلڊ ٽينس رينڪنگ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني رانديگرياڻيءَ کي جڳهه ڏني وئي ۽ 23 سالا اوشنا سهيل کي 1229 هين نمبر تي رکيو ويو، خابرو اداري موجب تاريخ لکڻ تي خوش اوشنا سهيل ٻڌايو ته پهريون ٽارگيٽ ٽينس جي ٽاپ 500 رانديگرن ۾ شموليت اختيار ڪرڻ آهي ۽ ايندڙ مهيني ٽريننگ لاءِ ڀارت وينديس، هن چيو ته ڪاميابيءَ ۾ والدين ۽ فيمليءَ جو وڏو هٿ آهي، ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ سهڪار نه ڪري ها ته شايد دنيائي مقابلن ۾ وٺڻ ڏکيو ٿئي ها. ٽينس رانديگرياڻي ايندڙ سال مختلف بين الاقوامي ٽورنامينٽن ۾ حصو وٺي پنهنجي رينڪنگ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *