وارم اپ ميچون 8 فيبروري کان وٺي 13 فيبروري تائين جاري رهنديون

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ايندڙ سال شروع ٿيندڙ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي وارم اپ ميچن جي شيڊول جو اعلان ڪريڇڏيو آهي. وارم اپ ميچون 8 فيبروري کان وٺي 13 فيبروري تائين جاري رهنديون ۽ ڪل 14 ميچون کيڏيون وينديون. وارم ميچون سڊني، ايڊيليڊ، ميلبورن ۽ ڪرائسٽ چرچ گرائونڊن تي کيڏيون وينديون، جنهن جي پهرين ميچ 8 فيبروري تي هندستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايڊيليڊ اوول جي گرائونڊ تي کيڏي ويندي. جڏهن ته 9 فيبروري تي چار ميچ  ڏکڻ آفريڪا- سريلنڪا، نيوزيلينڊ- زمبابوي، انگلينڊ- ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش-پاڪستان جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيا ويندا. 10 فيبروري تي آئرلينڊ- اسڪاٽلينڊ ۽ ڀارت – افغانستان آمهون سامهون ٿيندا، 11فيبروري تي نيوزلينڊ– ڏکڻ آفريڪا، سريلنڪا – زمبابوي، آسٽريليا – گڏيل عرب امارت ۽ پاڪستان– انگلينڊ آمهون سامهون ٿيندا. 12 تي نيوزيلينڊ–اسڪاٽلينڊ ۽ آئرلينڊ–بنگلادش ۾ کيڏندا، جڏهن آخري 13 تاريخ تي افغانستان ۽ گڏيل عرب امارتن جو ٽيمون مهاڏو اٽڪائينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *