هڪ اڳواڻ جي حيثيت سان پنهنجي ٽيم سان مڪمل انصاف ڪري رهيو آهيان، مائيڪل ڪلارڪ

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو آهي ته پاڪستان کان تاريخي شڪست جي باوجود ٽيم جي قيادت لاءِ پراميد آهيان جڏهن ته مائيڪل ڪلارڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ بدقسمتي سان بهتر راند جو مظاهرو نه ڪري سگهيو متحده عرب امارات ۾ پاڪستان کان ٽيسٽ سيريز ۾ وائيٽ واش کان پوءِ ڏيهه ورڻ تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪينگرو ڪپتان جو چوڻ هو ته کيس لڳي ٿو ته هو هڪ قائد جي حيثيت سان پنهنجي ٽيم سان مڪمل انصاف ڪري رهيو آهي هو هاڻي به ٽيم لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو ڇو ته گذريل پنجن سالن ۾ رانديگر ۽ ڪپتان طور ان جي ڪارڪردگي ۾ تسلسل رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *