هيٽرڪ جو نئون رڪارڊ بنگلاديشي رانديگر جوڙي ورتو

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان رانديگر تائج السلام پنهنجي پهرين انٽرنيشنل ميچ ۾ وڪيٽن جي هيٽرڪ ڪري نئون عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو. بنگلادي ش ۽ زمبابوي وچ ۾ سيريز جي پنجين ۽ آخري ميچ ۾ کاٻي ٻانهه سان بالنگ ڪرائيندڙ تائج السلام زمبابوي جي اننگ جي 29هين اوور ۾ پاتيانگارا، نيومبو ۽ ڇتارا کي آئوٽ ڪري پنهنجي پهرين ون ڊي ميچ ۾ هيٽرڪ ڪري نئون رڪارڊ جوڙيو. بنگالي بالر ميچ ۾ خطرناڪ بالنگ ڪرائيندي فقط 11 رنسن عيوض 4 وڪيٽون ورتيون، جنهن سبب زمبابوي جي پوري ٽيم 128 رنسن تي ئي ڍير ٿي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *