هاشم آمله ون ڊي ميچن جي سينچري مڪمل ڪري ورتي

پرٿ (اسپورٽس نيوز)ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين هاشم آمله ون ڊي ميچن جي سينچري مڪمل ڪري ورتي، هن گذريل ڏينهن پرٿ ۾ آسٽريليا خلاف ڪيريئر جي 100هين ون ڊي ميچ کيڏي پر هو ان ميچ ۾ پنهنجي روايتي راند پيش نه ڪري سگهيو ۽ رڳو 10 رنسن کان پوءِ مچل جانسن جو نشانو بڻجي ويو، آمله 2008ع ۾ بنگلاديش خلاف ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هيستائين 100 ميچن ۾ 53.42 جي سراسري سان 4 هزار 808 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن ۾ 16 سينچريون ۽ 25 هاف سينچريون شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *