هائير ڪپ سپر ايٽ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪراچي ڊولفنز ملتان ٽائيگرز کي ستن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

فيصل آباد (اسپورٽس نيوز) هائير ڪپ سپر ايٽ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪراچي ڊولفنز ملتان ٽائيگرز کي ستن وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. سپر ايٽ ٽي-20 ڪپ 2015 ۾ گروپ بي جي ٽيمن ملتان ٽائيگرز ۽ ڪراچي ڊولفنز وچ ۾ کيڏيو ويو، ڪراچي ڊولفنز ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ملتان ٽائيگرز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ ڪپتان گلريز صدف 40 ۽ عامر يامين 47 رنسون ٺاهي نمايا رهيا. جڏهن ته احمد رشيد 13، اَمر علي 2، نويد ياسين 5، محمد علي 5، ياسر بٽ 13، آفتاب نيازي 0 رنسون ٺاهيون ۽ ذوافقار بابر 14 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪراچي ڊولفنز طرفان بالنگ ڪندي محمد سميع، فواد خان، عبدالامير، فراز احمد 2، 2 ۽ انور علي 1 وڪيٽ وڪيٽ ورتي. ڪراچي ڊولفنز جي طرفان بيٽنگ ڪندي ڪپتان سرفراز احمد 50 سان ۽ محمد وقاص 24 رنسن تي ناٽ آئو ۽ اسد  شفيق 46 رنسون ٺاهي نمايا رهيا. جڏهن ته رميز راجا 11 ۽ شاهزيب حسن 5 رنسون ٺاهيون. ملتان ٽائيگرز جي بالرن عامر يامين 2 ۽ ساديف محدي هڪ وڪيٽ وٺي سگهيا. جڏهن ته پليئر آف دي ميچ ڪراچي ڊولفنز جي ڪپتان سرفراز احمد کي قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *