نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ سڀاڻي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ سڀاڻي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم کي سريلنڪا خلاف ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي، نيوزيلينڊ جي ٽيم سريلنڪا کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، ٽيسٽ سيريز بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 7 ون ڊي ميچن جي سيريز 11 جنوري کان شروع ٿيندي، پهرين ميچ 11 جنوري ڪرائيسٽ چرچ، ٻي ميچ 15 جنوري هيملٽن، ٽين ميچ 17 جنوري آڪلينڊ، چوٿين ميچ 20 جنوري نيلسن، پنجين ميچ 23 جنوري ڪوڊونيڊن، ڇهين ميچ 25 جنوري ڪوڊو نيڊن، جڏهن ته ستين ۽ آخري ون ڊي ميچ 29 جنوري تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *