نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪندي

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪندي. ڪيوي ٽيم زمبابوي خلاف ٽي ون ڊي ۽ هڪ ٽي ٽوئنٽي جڏهن ته آفريقا خلاف 3 ون ڊي ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي نيوزيلينڊ ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 2 آگسٽ تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٻين ون ڊي 4 آگسٽ تي ۽ ٽين ۽ آخري ون ڊي 7 آگسٽ تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ 9 آگسٽ تي کيڏي ويندي. سموريون ميچون هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيون وينديون. ان کان پوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم ڏکڻ آفريقا جو دورو ڪندي. جتي هو 2 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏيندي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي 14 آگسٽ تي جڏهن ته ٻي 16 آگسٽ تي کيڏي ويندي. ان کان پوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم آفريقا ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي جنهن جي پهرين ميچ 19 آگسٽ، ٻي ميچ 23 آگسٽ جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي 26 آگسٽ تي کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *