نيوزيلينڊ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

نيلسن(اسپورٽس نيوز)نيوزيلينڊ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 7 ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 1-2 سان برتري حاصل ڪري ورتي، نيوزيلينڊ جي شهر نيلسن جي سيڪسٽن اوول گرائونڊ ۾ کيڏيويندڙ ميچ ۾ سريلنڪن ٽيرم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته مهمان ٽيم 49.3 اوور ۾ 276 رنسون ٺاهيون سريلنڪا طرفان مهيلا جي وردني 94، ڪمار سنگاڪارا 76، دلشان 44، ٿرماني 19  رنسون سان نمايان رهيا جڏهن ته نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 3، ايڊم ملني ۽ مچل ميڪلنگم 2،2، ڪوري اينڊرسن ۽ ڪين وليمسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، جواب ۾ ڪين وليمسن جي سينچري جي مدد سان نيوزلينڊ 277 رنسن جو هدف 6 وڪيٽن تي 49 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ گرينٽ ايليٽ 44، ڪوري اينڊرسن 47، ليوڪ رونچي 32 ۽ مارٽن گپٽل 20 رنسن سان نمايان بيٽسمين رهيا سريلنڪا طرفان نوان ڪلاسيڪرا، اينجلو ميٿيوز، رنگانا هيرات، ٿسارا پريرا ۽ جيون مينڊس هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي ڪين وليمسن کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *