نيوزيلينڊ هٿان افغانستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست

نيپيئر(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 31 هين گروپ ميچ ۾ نيوزيلينڊ افغانستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي نيوزيلينڊ جي ميڪلين پارڪ نيپيئر ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ افغان ٽيم جي ڪپتان محمد نبي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ته 48 هين اوور ۾ افغان ٽيم 186 رنسن تي ڍير ٿي وئي جنهن جي جواب ۾ نيوزيلينڊ هدف 36.1 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو، ڪيويز طرفان مارٽن گپٽل 57، برينڊن مڪلم 52، ڪين وليمسن 33 ۽ گرينڊ ايليٽ 19 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته روس ٽيلر 24 ۽ ڪوري اينڊرسن 7 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو افغستان جي شاهپور زادران ۽ محمد نبي هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي،  جڏهن ته ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي ڊينيئل وٽوري کي مين آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *