نيوزيلينڊ سريلنڪا کي ٻين ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ 193 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ سريلنڪا کي ٻين ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ 193 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو. ڪين وليمسن کي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. نيوزيلينڊ جي بالرز جي شاندار ڪارڪردگيءَ سبب 390 رنسن جو هدف حاصل ڪندي سريلنڪن ٽيم 196 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ٿيريماني ناقابل شڪست 62 رنسون ٺهاوين. ڪوشال سلوا 50، ڪيويز طرفان ڪريگ 4، بريسويل ۽ بولٽ 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. نيوزيلينڊ جي بيٽسمينن جي شاندار ڪارڪردگيءَ کانپوءِ بالرز پڻ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري. سندن شاندار ڪارڪردگيءَ سبب آءِ لينڊرز جا 6 رانديگر ٻيو نمبر به پار نه ڪري سگهيا ۽ ميچ جو فيصلو چوٿين ڏينهن ئي ٿي ويو. نيوزيلينڊ ٻين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا کي 193 رنسن تان شڪست ڏئي نه رڳو ميچ پنهنجي نالي ڪيو پر سيريز پڻ ڪلين سوئيپ ڪري ورتي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *