نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني انگلينڊ جو دؤرو ڪندي

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ مهيني انگلينڊ جو دؤرو ڪندي، جتي ٽيم 2 ٽيسٽ، 5 ون ڊي ۽ هڪ ٽي 20 ميچ کيڏيندي. نيوزيلينڊ ٽيم دؤري جي شروعات سمرسيٽ خلاف 4 ڏينهن جي ٽور ميچ سان ڪندي. اها ميچ 8 کان 11 مئي تائي ٽائونٽن ۾ کيڏي ويندي. ڪيوي ٽيم پنهنجي ٻي وارم اپ ميچ 14 کان 17 مئي تائين وار سيسٽر شائر خلاف کيڏندي. انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ٽيسٽ 21 کان 25 مئي تائين لنڊن، جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 29 مئي کان 2 جون تائين ليڊز ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 9 جون تي برمنگهم، ٻي ون ڊي 12 جون تي لنڊن، ٽئين ون ڊي 14 جون تي سائو ٽمپٽن، چوٿين ون ڊي 17 جون تي نوٽنگهم جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي 20 جون تي چيسٽرلي اسٽريٽ ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته واحد ٽي 20 ميچ 23 جون تي مانچيسٽر ۾ کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *