نيوزيلينڊ اسڪاٽلينڊ کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڊنيڊن(اسپورٽس نيوز)آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ڇهين ميچ ۾ نيوزيلينڊ اسڪاٽلينڊ کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي نيوزيلينڊ جي شهر ڊنيڊن جي يونيورسٽي اوول گرائونڊ ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ نيوزيلينڊ اسڪاٽلينڊ طرفان 143رنسن جو هدف 26 هين اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو اسڪاٽلينڊ وانگر نيوزلينڊ جا اوپنر به پنهنجي ٽيم کي سٺي شروعات فراهم نه ڪري سگهيا ۽ وقفي وقفي سان وڪيٽن ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو پر آسان هدف  هجڻ سبب ڪيوي رانديگرن جارحاڻي انداز سان بيٽنگ جاري رکي ۽ مقرر هدف 25 هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو نيوزيلينڊ طرفان ڪين وليمسن 38 جڏهن ته گرانڊ ايليٽ 29 رنسن جي اننگ کيڏي اسڪاٽلينڊ طرفان اين وارڊ لا ۽ جوش ڊيوي 3، 3 جڏهن ته ماجد حق هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *