مي ويڌر آخري فائيٽ جي لاءِ سولو مخالف ڳولي رهيو آهي: باڪسر عامر خان

لاس اينجلس (اسپورٽس نيوز) آمريڪي باڪس فلائيڊ مي ويڌر پاڪستان ڃائي برطانوي باڪسر عامر خان سان وڙهڻ بدران آندري برٽويايا ڪريم سان مقابلي جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي باڪسر فلائيڊ مي ويڌر عامر خان سان وڙهڻ کان انڪار ڪندي پنهنجو آخري مقابلو آندري برٽو يايا ڪريم مي فيلڊ سان وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي طرف عامر خان جو چوڻ هو ته مي ويڌر آخري فائيٽ جي لاءِ سولو مخالف ڳولي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن مي ويڌر مون کان نه ٿو ڊڄي ته مون سان مقابلو ڪري. واضح رهي ته آندري برٽويا ۽ ڪريم مي فيلڊ ويلٽر ويٽس ريسلر آهن ۽ ٻنهي اڄ تائين هڪ به عالمي ٽائيٽل ناهن کٽي سگھيا، جڏهن ته عامر خان آمريڪي باڪس فلائيڊ مي ويڌر کي مقابلي جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا چئلينج ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *