ميگا ايونٽ ۾ ڀارت سان رٿيل پهرين ميچ آسان نه هوندي شاهد آفريدي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي ٽي-ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان اسٽار الرائونڊر شاهد آفريدي چيو آهي ته ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي جنهن بعد ٽيم جي ڪاميابي جا امڪان پيدا ٿيندا. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نالي واري آلرائونڊر شاهد آفريدي چيو ته ميگاايونٽ جي پهرين ميچ ۾ ڀارت سان رٿيل ميچ آسان نه هوندي. شاهد آفريدي جو  چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ دنيا جي ڪرڪيٽ جي مداحن جون نظرون پاڪ-ڀارت ميچ تي کتل هونديون. هن  چيو ته ميگا ايونٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم جي سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي خاص ڪري فيلڊنگ ۾ بهتري جي ضرورت آهي، جڏهن ته ميچ دوران بيٽسمينن کي پارٽنرشپ قائم ڪرڻي پوندي، جنهن لاءِ ٽيم مينيجمنٽ کي خبر آهي ته ڪهڙي ڪهڙي شعبي ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *