ميٿيوز ڪولمبو ٽيسٽ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي ڇهين سينچري ٺاهي ورتي

(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان اينجلو ميٿيوز ڪولمبو ٽيسٽ ۾ پنهنجي ڪيريئر جي ڇهين سينچري ٺاهي ورتي، گذريل ڏينهن ڀارت خلاف ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن ميٿيوز بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 102 رنسن جي وڻندڙ اننگ کيڏي، جنهن ۾ 12 چوڪا پڻ شامل هئا، هو هيستائين 87 اننگز ۾ 52.38 جي سراسري سان 3667 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جن ۾ 6 سينچريون ۽ 22 هاف سينچريون شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *