ميرپورخاص جي اسپيشل ٻارن جي ٽيم ٻي پوزيشن ماڻڻ بعد ميرپورخاص پهتي شاندار استقبال، گلن جي ورکا

ميرپورخاص (اسپورٽس نيوز) حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل آل سنڌ تائي ڪوانڊو چيمپيئن شپ 2015 ۾ شرڪت ڪندڙ ميرپورخاص جي ”اسپيشل“ ٻارن جي ٽيم ٻئي پوزيشن حاصل ڪرڻ بعد ميرپورخاص پهتي. اسپيشل ٻارنجي ٽيم جي ميرپورخاص پهچڻ تي راندين جي شعبي سان تعلق رکندڙن، عوام ۽ اسپيشل ٻارن جي مٽن مائٽن سندن شاندار استقبال ڪندي گلن جي ورکا ڪئي. اسپيٽل ٻارن جي ٽيم جي رانديگرن ڪمراز 50 ڪلوگرام ۾ گولڊ ميڊل، عائشه 60 ڪي جي ۾ گولڊ، شڪيلا 45 ڪي جي ۾ گولڊ، ڪومل 55 ڪي جي ۾ گولڊ، پريا 48 ڪي جي ۾ سلور، چينا 63 ڪي جي ۾ سلور، اجمل 74 ڪي جي ۾ سلور، حسيد 50 ڪي جي ۾ برائونز، سخاوت 58 ڪي جي ۾ برائونز، عدنان، ثمر، شمسه، ملنگ سامي ۽ يوسف خان برونزي ميڊل حاصل ڪيا. مجموعي طور تي ميرپورخاص جي ميل ۽ في ميل اسپيشل رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي ٽورنامينٽ ۾ ٻئي پوزيشن حاصل ڪئي. انهي موقعي تي اسپيشل اسپورٽس ايسوسي ايشن ميرپورخاص جي صدر ۽ انٽرنيشنل ڪوچ سنتوش عرف اڪمل ڪمار اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ميرپورخاص جي اسپيشل رانديگرن ۾ وڏي پيماني تي ٽئلينٽ موجود آهي. انهن اسپيشل رانديگرن صوبائي سطح تي پنهنجي شهر ۽ ضلعي جو نالو روشن ڪيو آهي. اسپيشل رانديگرن کي جيڪڏهن سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي وڃي ته رانديگر ملڪي ۽ عالمي سطح تي ضلعي، صوبي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *