مون کي ويرات ڪوهلي سان ڀيٽن ناانصافي آهي: عمر اڪمل

ايڊليڊ(اسپورٽس نيوز): قومي ڪرڪيٽ  ٽيم اڄ به پريڪٽس سيشن ۾ ڀرپور حصو ورتو، مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل جو چوڻ آهي ته ان کي ڀارتي رانديگر ويرات ڪوهلي سان نه ڀيٽڻ گهرجي سينٽ پيٽرسن ڪاليج گرائونڊ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پريڪٽس ڪئي مينيجر نويد اڪرم چيما جو چوڻ آهي ته هو ٽوئر سليڪشن ڪميٽي جو سربراهه ضرور آهي پر ٽيم چونڊن وقت هو ڪپتان ۽ ڪوچ جي راءِ جو احترام ڪندو آهي ڪيمپ ۾ بيٽنگ کي بهتر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪيو پيو وڃي مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل جو چوڻ آهي ته ٽيم مينيجمينٽ نه ٿي ڄاڻي ته هو ڊوميسٽڪ ۾ ڪهڙي نمبر تي کيڏندو آهي ان کي ويرات ڪوهلي سان ڀيڻ ناانصافي آهي عمر اڪمل اعتراف ڪيو ته هو ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهي پر تنقيد ڪندر شعيب اختر کي هن تنقيد جو نشانو بڻايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *