مون سدائين چئلينج قبول ڪيا ۽ شڪستن کان گھٻرائڻ وارو ناهيان:شاهد آفريدي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد خان آفريديءَ ڇهن سالن کان پوءِ ملڪ ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ کي تاريخي موقعو قرار ڏيندي چيو آهي ته مون سدائين چئلينج قبول ڪيا ۽ شڪستن کان گھٻرائڻ وارو ناهيان. پاڪستان ۾ بين الاقوامي ڪرڪيٽ بحاليءَ ۾ پي سي بي چيئرمين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، لاهور ۾ پاڪ-زمبابوي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽرافي جي رونمائيءَ کان پوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايندڙ ميچن ۾ به نون رانديگرن کي موقعو ڏيڻ جو سلسلو جاري رهندو. شاهد آفريديءَ چيو ته ورلڊ ٽي ٽوئنٽيءَ جي لاءِ ٽيم تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر هو سليڪشن جي مامرن ۾ مداخلت ناهي ڪندو. ٽي ٽوئنٽي ڪپتان چيو ته ٽيم مان سٺي ڪارڪردگيءَ جي اميد آهي پر ٽي ٽوئنٽي ۾ ڪا به ٽيم سولي ناهي هوندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مڊل آرڊر بيٽسمين شعيب ملڪ ۽ فاسٽ بالر محمد سميع جون ڪافي خدمتون آهن ۽ هو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ٽيم ۾ چونڊيا ويا آهن. شاهد آفريديءَ وڌيڪ چيو ته سٺو پرفارم نه ڪندڙ رانديگرن کي ٽيم ۾ جاءِ نه ڏني ويندي. ٻئي طرف زمبابوي جي ڪپتان ايلٽن چيگمبورا چيو ته سيريز جي لاءِ سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن مان تمام مطمئن آهيون ۽ پاڪستان اچي سٺو لڳي رهيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي پاڪستاني ۽ موجوده زمبابوين ڪوچ ڊيو واٽمور جي موجودگيءَ سان ٽيم کي تمام گھڻو فائدو پهچندو. ڊيو واٽمور 2012ع کان 2014ع جي وچ ڌاران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ ڪئي هئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ آيا آهيون ۽ سڄو ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته زمبابوي ٽيم پاڪستان کي هارائڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *