مورني مورڪل ون ڊي ۾ 150 وڪيٽون مڪمل ڪندر ڇهون ڏکڻ آفريقن بالر بڻجي ويو

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقن فاسٽ بالر مورني مورڪل ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڪيريئر جون 150 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون. هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ پهون ڏکڻ آفريقن بالر بڻجي ويو، مورڪل ويسٽ انڊيز خلاف ٻئين ون ڊي ۾ اهو ڪارنامو انجام ڏنو، ان کان اڳ شان پولاڪ، دونلڊ، ڪيلس، نيتني ۽ ڪلوزنر پڻ اهو نمبر پار ڪري چڪا آهن، ويسٽ انڊيز خلاف کيڏيل ون ڊي ميچ ۾ مورڪل جڏهن ميدان ۾ لٿو ته کيس ڪيريئر جون 150 وڪيٽون مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻن وڪيٽن جي ضرورت هئي، هن ڪرس گيل ۽ دنيش رامدين کي آئوٽ ڪري اهو اعزاز حاصل ڪيو، مورڪل 89 ميچون کيڏي 150 وڪيٽون مڪمل ڪري ورتيون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *