ممبئي انڊينز ڪوليفائر ون ۾ ايوينٽ جي ٽاپ ٽيم چناءِ سپر ڪنگز کي هارائي سڌي ريت فائنل لاءِ ڪوليفاءَ ڪيو

ممبئي(اسپورٽس نيوز ) انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل) 8 جو فائنل چناءِ سپر ڪنگز ۽ ممبئي انڊينز جي ٽيمن وچ ۾ اڄ ايڊن گارڊنز ڪلڪتي ۾ کيڏيو ويندو. فيصلائتو دنگل ڊي اينڊ نائيٽ هوندو ۽ پاڪستاني وقت موجب شام جو ساڍي 7 وڳي شروع ٿيندو. ممبئي انڊينز ڪوليفائر ون ۾ ايوينٽ جي ٽاپ ٽيم چناءِ سپر ڪنگز کي هارائي سڌي ريت فائنل لاءِ ڪوليفاءَ ڪيو، جڏهن ته چناءِ سپر ڪنگز ڪوليفائر 2 ۾  رائل چيلينجرز بنگلور کي هارائي فائنل تائين پهتي. ممبئي انڊينز جي ٽيم روهيت شرما جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته چناءِ سپر ڪنگز جي ڪپتاني جو فرض مهندرا سنگهه ڌوني انجام ڏيندو. چناءِ سپر ڪنگز کي 2 ڀيرا آءِ پي ايل جو ٽائٽل کٽڻ جو اعزاز حاصل آهي. ان ترتيب وار 2010ع ۾ 2011ع ۾ ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي، جڏهن ته ممبئي انڊينز واحد ٽائٽل 2013ع ۾ کٽيو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾  سخت مقابلي جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *