ملڪي ٽيم جو آل رائونڊر حارث سهيل پريڪٽس سيڪشن دوران زخمي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) ملڪي ٽيم جو آل رائونڊر حارث سهيل پريڪٽس سيڪشن دوران زخمي ٿي پيو، جنهن کان پوءِ انجريءَ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ٽيم مئنيجمينٽ پاران کيس ڏيهه ورائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪولمبو ٽيسٽ جي لاءِ پريڪٽس ڪئمپ دوران مڊل آرڊر بيٽمين حارث سهيل گوڏي جي انجريءَ جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن کي فوري طور طبي مدد جي لاءِ گرائونڊ کان ٻاهر موڪليو ويو. ذريعن موجب حارث سهيل جي انجريءَ سخت قسم جي آهي ۽ هو ڪولمبو ٽيسٽ ۾ ٽيم جو حصو نه بڻجي سگھندو ان جي لاءِ کيس جلد ڏيهه ورڻ جي لاءِ چيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *