مصباح الحق کي جلدي آئوٽ ڪرڻ اڌ ڪاميابي جي برابر آهي: گريم سمٿ

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز)ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان گريم سمٿ چيو آهي هت ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان خلاف ميچ ۾ پروٽيز مصباح الحق کي جلدي آئوٽ ڪري ورتو ته اهو اڌ ڪاميابي جي برابر هوندو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ڪالم ۾ ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي گريم سمٿ چيو آهي ته ڀارت کان شڪست کانپوءِ پاڪستان خلاف ڪاميابي پروٽيز جو حوصلو وڌائيندي ان مقابلي لاءِ ڏکڻ آفريڪا کي اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق اهو واحد رانديگر آهي جنهن هينئر تائين ان ميگا ايونٽ ۾ مثبت ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، ان کان علاوه صهيب مقصود، شاهد آفريدي، عمر اڪمل  ۽ وهاب رياض اهڙو رانديگر آهي جيڪو ڪنهن به وقت خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *