مشهور ملهه پهلوان امير بخش شورو اکين جي نور کان محروم

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) سنڌ جي مشهور ملهه پهلوان امير بخش شوري جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ سنڌ ملهه ايسوسيئيشن ضلعي حيدرآباد جي اڳواڻن غلام حسين ٿيٻو ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب پهچي سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته مشهور ملهه پهلوان امير بخش شوري جي علاج جي لاءِ مالي مدد ڪري، سندس سار لڌي وڃي. هنن ٻڌايو ته امير بخش شورو سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان آهي، جيڪو هن وقت موذي مرض ۾ مبتلا آهي، پر ڪو به وس وارو سندس سار نه پيو لهي. هن چيو ته امير بخش شورو اکين جي نور کان محروم آهي، پوءِ به هو سنڌ ۾ ٿيندڙ ملهه ۾ پهرين صف تي رهي ٿو. هنن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سميت چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته پهلوان امير بخش جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *