مائيڪل ڪلارڪ کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ميٿيو هيڊن جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ 21 رنسون گهربل

نوٽنگهم(اسپورٽس نيوز)آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين مائيڪل ڪلارڪ کي ٽيسٽ ميچن ۾ هم وطن بيٽسمينميٿيو هيڊن جي وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ وڌيڪ21 رنسون گهربل آهن، ان سان هو وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمينن جي لسٽ ۾ 19هين نمبر تي اچي ويندو. مائيڪل ڪلارڪ 2004ع ۾ ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هن وقت هو ڪرڪيٽ جي دنيا جي بهترين بيٽسمينن ۾ شامل آهي. ڪلارڪ هن وقت تائين 113 ميچون کيڏيون آهن، جن ۾ 8605 رنسون ٺاهيون ۽ کيس ميٿيو هيڊن کان اڳتي نڪرڻ لاءِ وڌيڪ 21 رنسن جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *