ليجنڊ باڪسر محمد علي جي طبيعت ۾ بهتري اچڻ شروع ، جلد اسپتال مان ڊسچارج ٿي ويندو

لوئس ويلي(اسپورٽس نيوز): ليجنڊ باڪسر محمد علي جي طبيعت ۾ بهتري اچڻ شروع ٿي وئي. محمد علي جي ترجمان باب گنيل مطابق محمد علي جي طبيعت بهتر ٿي رهي آهي ۽ کيس جلد ئي اسپتال کان گهر موڪليو ويندو. 72 سالن جي اڳوڻي باڪسر کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب ڇنڇر تي اسپتال داخل ڪيو ويو هو جتي خبر پئي ته کيس نمونيا ٿي آهي پر نمونيا تي بر وقت ضابطو آڻڻ سبب سندس طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچي وئي. ياد رهي ته محمد علي 1984ع کان پارڪنسز(رعشه) جي بيماري ۾ مبتلا آهي. ڊاڪٽرن مطابق پارڪنسز سان گڏ نمونيا ٿيڻ موت جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *