لبنان جي بيوٽي ڪوئين نٿالي فراج پاڪستاني اوپنر احمد شهزاد جي ديواني نڪتي

بيروُت (اسپورٽس نيوز) لبنان جي بيوٽي ڪوئين نٿالي فراج پاڪستاني اوپنر احمد شهزاد جي ديواني نڪتي، احمد شهزاد جي سينچريءَ تي خوشيءَ جي اظهار سان گڏ پاڪ-آسٽريليا ٻيون ٽيسٽ ميچ ڏسڻ جي خواهش به ظاهر ڪئي اٿائين. لبنان سان تعلق رکندڙ نٿالي فراج قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين احمد شهزاد جي بيٽنگ کان متاثر آهي، اڳوڻي مس ايشيا پيسفڪ ورلڊ اسٽار نٿاليءَ آسٽريليا خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابيءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي نٿاليءَ آسٽريليا خلاف احمد شهزاد جي سينچريءَ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو، لبناني حسينا چيو ته مان پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿيندڙ 30 آڪٽوبر واري ٽيسٽ ضرورت ڏسنديس ۽ احمد شهزاد جي بيٽنگ مان مزو وٺڻ جو موقعو نه وڃائينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *