لاڙڪاڻي ۾ جونيئر گيمز ٽو جي پڄاڻي، گيمز پشاور سانحي سان منسوب ڪرڻ جو اعلان

لاڙڪاڻو(اسورٽس نيوز) لاڙڪاڻي ۾ اولمپڪس اسپورٽس ڪاميٽي پاران منعقد ڪيل لاڙڪاڻو جونيئر گيمز ٽو پشاور سانحي سان منسوب ڪندي اختتامي تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ قومي ترانو وڄائي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪري معصوم شهيدن لاءِ دعا گهري وئي ۽ گلن رکيا ويا. تقريب جو مهمان خاص ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز هئا، تقريب انتهائي سادگي سان پڄاڻي تي پهتي، 23 مختلف اسڪولن جي ٻارڙن پنهجون ٽرافيون معصوم شهيدن جي نالي منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو. تقريب جي آخر ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي لاڙڪاڻو جونيئر گيمز جي ايٿليڪس پوزيشن حاصل ڪندڙ گلوبل سائنس ڪاليج جي ٽيم کي ڏني، جڏهن ته سمبارا اسڪول ٻي پوزيشن حاصل، بيڊمينٽن بوائز ايجوڪيٽرس اسڪول پهرين ۽ آئيڊيل اسڪول ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. اهڙي طرح ڪرڪيٽ ۾ مڌر فائونڊيشن پهرين ۽ سٽي اسڪول ٻي، آرم ريسلنگ مڌر فائونڊيشن اسڪول پهرين ۽ نيو مشعل اسڪول ٻي، ٽگ آف وار ۾ گلوبل اسڪول پهرين، پبلڪ اسڪول ٻين، ونجهه وٽي راند ۾ پبلڪ اسڪول پهرين، سمبارا اسڪول ٻي، چيس ۾ پبلڪ اسڪول ۽ گلوبل اسڪول بي پوزيشن حاصل ڪئي. جڏهن ته ڇوڪرين ۾ ايٿليڪس ۾ سمبارا پهرين، گلوبل ٻي، ٽگ آف وار ۾ گلوبل پهرين، سمبارا ٻي، بيڊمينٽن سمبارا پهرين، پبلڪ اسڪول ٻين، ٿرو بال گلوبل اسڪول، پهرين، سمبارا اسڪول ٻي، ونجهه وٽي گلوبل اسڪول پهرين، سمبارا ٻي، مهندي ڊزائنگ ۾ گلوبل اسڪول پهرين، ايجوڪيٽرس ٻي پوزيشن حاصل ڪئي. راندين ۾ 23 مختلف اسڪولن جي 3 هزار کان وڌيڪ ٻارڙن راندين ۾ حصو ورتو ۽ رانديون 8 ڏينهن جاري رهيون، جنهن ۾ 8 سو کان وڌيڪ ميڊل، ٽرافيون ۽ سرٽيفڪيٽ ٻارن ۾ تقسيم ڪيا ويا. ان موقعي تي اولمپڪس اسپورٽس ڪاميٽي جي چيئرمين ايس اقبال بابو چيو ته پشاور سانحي جي ڪري هي تقريب انتهائي سادگي سان منعقد ڪئي وئي. آرگنائيزنگ ڪاميٽي پاران معصوم شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڊاڪٽر سائين رکيو ميراڻي چيو ته پشاور سانحو انتهائي اهم سانحو آهي، جنهن سان قوم جي دل کي ڇيهو رسيو آهي. اسان ان واقعي جي سخت لفظن ۾ ۾مذمت ڪيون ٿا. ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز چيو ته دهشتگردي خلاف سڀني کي گڏ ڪم ڪرڻُ پوندو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *