قومي فٽبال چيمپيئن شپ ايندڙ مهيني کيڏي ويندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان قومي فٽبال فيڊريشن جي انتطام هيٺ قومي فٽبال چيمپيئن شپ ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ اسلام آباد ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان قومي فٽبال فيڊري شن جي صدر حاجي طارق محمود بڌايو ته چيمپيئن شپ ۾ سڄي ملڪ مان 7 ٽيمون حصو وٺنديون. جن ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواه، فاٽا، آزاد ڄمون ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد جون ٽيمون شامل آهن. هن ٻڌايو ته چيمپيئن شپ جو آرگنائيزنگ سيڪريٽري عدنان ملڪ هوندو ۽ ميزباني جا فرض اسلام آباد فٽبال ايسوسيئيشن ادا ڪندي ۽ تاريخ جو اعلان ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *