قومي سيلنگ ٽيم نيشنز ڪپ ڪواليفائر ۾ شرڪت لاءِ اڄ بحرين رواني ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) 6 ميمبرن تي ٻڌل سيلنگ ٽيم نيشنز ڪپ ڪواليفائر ۾ شرڪت لاءِ (اڄ)  سومر تي بحرين رواني ٿيندي، ڪوالفائر ٽورنامينٽ 24 اپريل کان شروع ٿيندي، پاڪستان ان کان اڳ 2011ع ۾ ٿيل نيشنز سيلنگ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو، قومي ٽيم عبدالحميد، مزمل حسن، محمد اڪرم ۽ قاسم تي ٻڌل آهي جڏهن ته خالد حسين مينيجر طور ٽيم سان گڏ هوندو، سيلنگ اسٽار ۽ انٽرنيشنل ميڊل ونر محمد اڪرم چيو آهي ته سمورا سيلرز باصلاحيت آهن ۽ مون کي پورو يقين آهي ته ٽيم انٽرنيشنل سيلنگ فيڊريشن نيشنز ڪپ ۾ جڳهه ٺاهيندي، هن چيو ته سيلرز ايونٽ لاءِ ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته ٽيم بهترين نتيجن سان واپس وطن موٽندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *