قومي جونيئر ٽيم سلطان جوهر هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ 9 آڪٽوبر تي ملائيشيا رواني ٿيندي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوpakistan-hockey-AFP-640x480ز) قومي جونيئر ٽيم سلطان جوهر هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ 19 آڪٽوبر تي ملائيشيا رواني ٿيندي. ٽورنامينٽ 12 آڪٽوبر کان ملائيشيا ۾ شروع ٿيندي. قومي ٽيم جو ڪوچ اولمپيئن منظور الحسن ٻڌايو ته ٽورنامينٽ ۾ 6 ملڪن جون ٽيمون حصو وٺنديون جنهن ۾ پاڪستان سميت ڀارت، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، برطانيه ۽ ميزبان ملائيشيا شامل آهن. ۽ ٽورنامينٽ ۾ ليگ جون پنج ميچون کيڏيون وينديون. پاڪستان ٽيم جي پنهنجي پهرين ميچ 12 آڪٽوبر تي برطانيه خلاف کيڏي ويندي. ٻين 13 آڪٽوبر تي آسٽريليا، ٽين 15 آڪٽوبر تي روايتي مخالف ڀارت، چوٿين 16 آڪٽوبر نيوزيلينڊ ۽ پنجين ميچ 18 آڪٽوبر تي ملائيشيا خلاف کيڏي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *