فيفا جو ساليانو اجلاس، وڏا سيڙپڪار ڪاوڙيل

سوئٽزرلينڊ(اسپورٽس نيوز) فٽبال جي عالمي اداري ، فيڊريشن آف انٽرنيشنل فٽ بال ايسوسئيشن(فيفا) جي سينئير آفيسرن تي ڪرپشن جي الزامن ۽ انهن جي گرفتاري کانپوءِ به فيفا چيو ته هو پنهنجي سالياني 65هين ڪانگريس جي شروعات معمول مطابق جمعي تي ڪندي. وڏا سيڙپڪار ڪوڪا ڪولا، ايڊيڊاس ۽ ويزا هاڻوڪي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيفا کي خبردار ڪيو آهي ته هو فيفا سان پنهنجن لاڳاپن تي نظر ثاني ڪري سگهن ٿا.سوئٽزرلينڊ جي شهر زيوريخ ۾ ٿيندڙ هن اجلاس ۾ فيفا جي گذريل سال جي ڪارڪردگي کانسواءِ فيفا جي نئين صدر جي چونڊ به ڪئي ويندي. فيفا جي نئين صدر جي مقابلي ۾ اردن جو شهزادو علي بن حسين ۽ هاڻوڪو صدر سيپ بلاٽر شامل آهن.17 سالن جوبلاٽر جيڪو فيفا جو صدر آهي، تنقيد ڪندڙن ۽ فٽبال ماهرن پاران سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو پوي.هوڏانهن فيفا جي وڏن سيڙپڪارن جن ۾ ڪوڪاڪولا، ايڊيڊاس، ميڪڊانلڊز، گيس پرام، سوني ۽ ويزا شامل آهن، ان صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *