فل ميمبرز سان کيڏڻ جو شوق، آئرش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستاني دوري تي غور ڪرڻ لڳي

بيلفاسٽ: فل ميمبرز سان کيڏڻ جي شوق ۾ آئرش ٽيم پاڪستان جي دوري تي اچڻ لاءِ غور شروع ڪري ڇڏيو آهي آئرلينڊ کي هن وقت وڏي شدت سان وڏين ٽيمن سان کيڏڻ جي ضرورت آهي ورلڊ ڪپ دوران ڪپتان وليم پورٽرفيلڊ ڪيترائي ڀيرا ان حوالي سان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪري چڪو، هاڻ اها ڳالهه آئرش ٽيم جي پاڪستاني دوري تي همٿائي رهي آهي 2009 ۾ سريلنڪن ٽيم تي دهشتگردي حملي کانپوءِ ڪنهن به ٽيسٽ ٽيم پاڪستان جو دورو ناهي ڪيو جيتوڻيڪ افغانستان ۽ ڪينيا جهڙيون ٽيمون اتي کيڏي چڪيون آهن آئرلينڊ به گذريل سال دوري  تي تقريبن راضي ٿي چڪو هو پر ڪراچي ايئرپورٽ تي دهشتگرد حملي کانپوءِ معاملو ختم ٿي ويو پر هاڻ ٻيهر ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي آهي. آئرش بورڊ جي چيف ايگزيڪٽو ڊيو ٽروم چيو ته جنوري ۾ ان حوالي سان اسان جي پاڪستاني بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ٿي پوءِ پي سي جي اي ميل اسان کي ملي هئي هاڻ جيتوڻيڪ ورلڊ ڪپ جاري آهي ان کانپوءِ اسان پاڪستان طرفان وڌيڪ اڳڀرائي جو انتظار ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *