فلپ هيوز جي لاڏڻي جو سوڳ، پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي ٽيمن وچ ۾ آخري ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن جي راند روڪي وئي

شارجه(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي نوجوان ڪرڪيٽر فلپ هيوز جي موت جي سوڳ ۾ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي ٽيمن وچ ۾ آخري ٽيسٽ جي ٻئين ڏينهن جي راند روڪي وئي. هاڻي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻئين ڏينهن جي راند (اڄ) جمعي کان شروع ٿيندي. هيوز جي ڪملهي موت جي سوڳ ۾ پاڪ نيوزي لينڊ ٽيمن اڳ ۾ ميچ هڪ ڪلاڪ دير سان کيڏڻ جو فيصلو ڪيو پر بعد ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن پنهنجن پنهنجن بورڊز اختيارين کي درخواست ڪئي ته اڄوڪي راند روڪي وڃي جنهن تي ٻنهي ملڪن جي بورڊ اختيارين گڏيل رضامندي سان ٻئين ڏينهن جي راند معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هاڻي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻئين ڏينهن جي راند (اڄ) جمعي کان شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *