عورتن جي 3 ميمبرن واري ٽيم جونيئر فيڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي: خالد رحماني

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ٽينس فيڊريشن جي سيڪريٽري خالد رحماني چيو آهي ته 3 ميمبرن واري قومي ٽينس ٽيم جونيئر فيڊ ڪپ جي پري ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ شرڪت ڪندي، ايونٽ 2 مارچ کان ملائيشيا ۾ شروع ٿيندو، ٽن ميمبرن واري ٽيم ۾ مهين آفتاب، حنا نويد ۽ علينا آفتاب شامل آهن، جڏهن ته محبوب احمد خان ٽيم سان ڪوچ نان پلينگ هوندو، هن چيو ته ٽيم جي رانديگرن جي چونڊ ٽرائلز کان پوءِ ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وئي آهي ۽ اميد آهي ته رانديگرياڻيون پري ڪواليفائنگ رائونڊ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *