عالمي نمبر 3 اينڊي مري ومبلدن ٽينس جي ٻئي مرحلي ۾ جڳهه ٺاهي ورتي

انگلينڊ (اسپورٽس نيوز) عالمي نمبر 3 اينڊي مري ومبلدن ٽينس جي ٻئي مرحلي ۾ جڳهه ٺاهي ورتي، جڏهن ته ويمنز ايوينٽ ۾ دنيا جي نمبر 3 سيمونا هيلپ ۽ يوگيني بوچارڊ کي ايوينٽ کان ٻاهر ٿيڻو پيو. ٽينس سيزن جي ٽئين گرينڊ سلم ومبلدن ٽينس ٽورنامينٽ جي پهرين مرحلي ۾ دنيا جي نمبر 3 اينڊي مَري ۽ روسي رانديگر ميخائيل ڪوڪشڪن آمهون سامهون ٿيا. اسڪاٽس رانديگر مري ميخائيل ڪوڪشن کي 6-4، 7-6 ۽ 6-4 سان مات ڏئي اڳئين رائونڊ ۾ پهچي ويو. ويمنز ايوينٽ ۾ يوگيني بوچارڊ جو مقابلو چين جي ڊوان ڳنگئينگ سان ٿيو. چيني رانديگرياڻيءَ دنيا جي 12 نمبر يوگيني بوچارد کي 7-6، 6-4 سيٽن سان آئوٽ ڪلاس ڪيو. ايوينٽ جي هڪ ٻي ميچ ۾ رومانيا جي سيمونا هيلپ کي سلواڪيا جي جانا ڪيپي لوا هٿان شڪست سان منهن ڏيڻو پيو. جانا ڪيپلوا 5-7، 6-4 ۽ 6-3 سيٽن سان ڪاميابي ماڻي دنيا جي نمبر 3 سيمونا هيلپ کي ايوينٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *