عالمي بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو

اسلام آباد (اسورٽس نيوز) پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏکڻ آفريقا ۾ چوٿين عالمي بلائينڊ ڪپ لا3 16 رڪني ٽيم جي چونڊ ڪري ورتي آهي،جنهن جو باضابطه اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، پاڪستان بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ورلڊ بلائينڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر سيد سلطان شاهه اي پي پي کي ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ لاءِ جاري تربيتي ڪيمپ مان 16 باصلاحيت رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جنهن جو باضابطه اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، واضح رهي ته ورلڊ ڪپ 26 نومبر کان 8 ڊسمبر تائين ڏکڻ آفريقا جي شهر ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *