شڪست سان ائين ٿو لڳي جيئن ڪنهن پٺيءَ ۾ گولي هنئين هجي: مائيڪل ڪلارڪ

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو آهي ته شڪست مان ائين لڳي ٿو جيئن ڪنهن پٺي ۾ گولي هنئي هجي پاڪستان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سمورن شعبن ۾ پرفارمنس وڌيڪ بهتر بنائڻي پوندي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو ته اسان جي لاءِ ڪائي به شڪست پٺيءَ ۾ لڳندڙ گولي کان گهٽ نه آهي ڪوئي به ناڪامي پسند ناهي ڪندو پاڪستان فتح جو وڌيڪ مستحڪ هو ڇو ته هن پنجين ڏينهن بهترين ڪرڪيٽ کيڏي اسان به سٺي راند کيڏي سگهون پيا جڏهن ته ايئن نه ٿي سگهيو جنهن جي تلافي هاڻي ٻي ٽيسٽ ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين سيريز بچائڻ لاءِ اسان سمورن شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *