شين ايبٽ کي آسٽريلين ڪرڪيٽ جو سال جو نوجوان رانديگر قرار ڏنو ويو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) شين ايبٽ کي آسٽريلين ڪرڪيٽ جو سال جو نوجوان رانديگر قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان رانديگر فلپ جي حادثاتي لاڏاڻي جي ٻن مهينن گذرڻ کان پوءِ شين ايبٽ کي اهو ايوارڊ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته نوجوان رانديگر ايبٽ ”ينگ ڪرڪيٽر آف دي ايئر“ جو ايوارڊ ملڻ تي آسٽريلين ڪرڪيٽ جو شڪريو ادا ڪندي سندس ڪٽنب ۽ ساٿي رانديگرن ۽ ويجهن دوستن جي سهڪار تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *