شاهد آفريدي ورلڊ ڪپ 2015 کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي بهترين رانديگر شاهد آفريدي ورلڊ ڪپ 2015 کان ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پنهنجي عروج تي ڪرڪيٽ کي الوداع ڪرڻ چاهيان ٿو، ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته مان ورلڊ ڪپ 2015 کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرڊ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ورلڊ کانپوءِ صرف ٽي ٽوئنٽي کيڏندس، رٽائرمينٽ جي فيصلي کان مينيجمينٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن دل جي خواهش هوندي آهي ته سياست ۾ اچان پر وڏڙا ان کان روڪين ٿا، رٽائرمينٽ کانپوءِ سياست کان پري رهندس، هن چيو ته خواهش هئي ته سڀ کان وڌيڪ تيز سنچري جو رڪارڊ مون وٽ ئي رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *