شاهد آفريدي مصباح الحق جي حمايت لاءِ ميدان ۾ اچي ويو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز): قومي ڪرڪيٽر شاهد آفريدي به مصباح الحق جي حمايت ۾ ميدان ۾ اچي ويو، شاهد آفريدي چيو آهي ته مصباح الحق 17 ڇوڪرن جو نه پر پوري ملڪ جو ڪپتان آهي ۽ ڪپتان خلاف اهڙيون ڳالهيون زيب نه ٿيون ڏين قومي آل رائونڊر شاهد آفريدي چيو ته مصباح الحق ميڊيا تي جيڪو ڪجهه به چيو صحيح هو هن جو چوڻ هو ته رانديگرن بابت جيڪو ڪجهه چيو ويو ان تي ڏک ٿيو سٺي وقت ۾ هر ڪو ساٿ ڏيندو آهي ۽  هاڻ جيڪڏهن ٽيم تي برو وقت آهي ته سڀني کي رانديگرن جو مورال بلند ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *