سيوهڻ جي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ پهرين جوڙ جي ملهه پهلوانن کي مقابلي جو چئلينج ڪريان ٿو:عمر سولنگي

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) سنڌ جي ناليواري ملهه پهلوان عمر سولنگي چيو آهي ته آءٌ سيوهڻ جي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ پهرين جوڙ جي ملهه پهلوانن کي مقابلي جو چئلينج ڪريان ٿو. عمر سولنگي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ ملهه جا ڪيترائي مقابلا کٽي چڪو آهيان، اڄ به پهلوانن کي هڪ ئي داءَ ۾ هارائڻ جي صلاحيت رکان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته مان ملهه جي فن ذريعي نوجوانن جي تربيت ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن سنڌ سرڪار مون کي پليٽ فارم ۽ موقعو فراهم ڪري ته نوجوانن ۾ لڪل صلاحيتون سامهون آڻي سگهان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *