سنگاڪارا ٻيون ڀيرو وزڊن جي ٽاپ ڪرڪيٽر جو ايوارڊ ماڻي ورتو

لنڊن(اسپورٽس نيوز) سريلنڪن اسٽار ڪمار سنگاڪارا ٻيون ڀيرو وزڊن ٽاپ ڪرڪيٽر جو اعزاز حاصل ڪري ورتو، آسٽريليا جي ميگ ليننگ کي دنيا جي بهترين عورت ڪرڪيٽر قرار ڏنو ويو آهي، 5 ڪرڪيٽرز آف دي ايئر ۾ معين علي ۽ اينجلو ميٿيوز به شامل آهن ڏيڍ سئو سال پراڻي ڪرڪيٽ ميگزين جي ايڊيٽر لارنس بوٿ ڪيون پيٽرسن جو معاملو درست انداز ۾ هينڊل نه ڪرڻ تي انگلش بورڊ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو تفصيل مطابق سريلنڪا جي سپر اسٽار بيٽسمين ڪمار سنگاڪارا ٽوئنٽي 20 ۽ ون ڊي انٽرنيشنل تان رٽائرمينٽ وٺي چڪو ۽ سال جي آخر ۾ هو ٽيسٽ فارميٽ کي به الوداع چوڻ جو ارادو رکي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *