سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام فٽبال چئمپين شپ جو فائنل سي پي ڊي فائيٽرز کٽي ورتو

حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام فٽبال چئمپين شپ جو فائنل سي پي ڊي فائيٽرز کٽي ورتو. تفصيل موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ آل فئڪلٽي فٽبال چئمپين شپ جو فائنل سي پي ڊي فائيٽرز ۽ انجنيئرنگ فئڪلٽي ٽائيگرز وچ ۾ کيڏيو ويو. راند شروع ٿيندي ئي ٻنهي ٽيمن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ راند جي پهرين هاف ۾ سي پي ڊي فائيٽرز جي محمد اعظم گول ڪري ٽيم کي هڪ گول جي برتري ڏياري. راند جي ٻئين هاف ۾ انجنيئرنگ فئڪلٽي جي ٽيم گول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهي ۽ ٻئين هاف ۾ راند ختم ٿيڻ جي ڪجهه منٽن کان پهرين سي پي ڊي جي بحرام ٻيو گول ڪري پنهنجي ٽيم جي فتح مستحڪم ڪري ڇڏي ۽ اهڙي طرح اهو فائنل ڪراپ پراڊڪشن فئڪلٽي ٻڙي ٻه تان کٽي ورتو. هن چئمپين شپ ۾ ڊي وي ايم مان 3، سي پي ڊي مان 2، انجنيئرنگ فئڪلٽي مان 2، سي پي ٽي مان 2، سوشل سائنسز مان 2، ايف ٽي مان هڪ ۽ آءِ ٽي سي جي 2 ٽيمن حصو ورتو. ان موقعي تي مهمان خاص سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ٻنهي ٽيمن ۾ ٽرافي ۽ انعام ورهايا ۽ پنهنجي خطاب ۾ راندين جي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۽ يونيورسٽي ۾ راند جي سهولت کي وڌائڻ تي زور ڏيندي شاگردن کي پنهنجي طرفان مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته ترقي يافته قومون پڙهائي سان گڏوگڏ راندين جي اهميت تي به يقين رکن ٿيون. ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار خانزادي مهمان خصوصي ۽ سمورن آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. ان موقعي تي سي پي ڊي جي ڊين ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، ڊين سي پي ٽي ۽ چيئرمين ايس ايم سي ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، ڊاڪٽر ابراهيم ڪيريو، ڊاڪٽر فرمان چانڊيو، ڊاڪٽر مولچند ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ مئچ ڏسي لطف اندوز ٿيا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *