سعيد اجمل جي درست ايڪشن سان عالمي ڪرڪيٽ ۾ جلد واپسي لاءِ پراميد آهيان، سقلين مشتاق

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي آف اسپينر سقلين مشتاق سعيد اجمل جي درست ايڪشن سان جلد ٻيهر عالمي ڪرڪيٽ واپسي جو عزم ظاهر ڪندي چيو آهي ته آءِ سي سي کي ٽريفڪ حادثي سبب ان جي ميڊيڪل هسٽري جو خيال رکڻ گهرجي هڪ انٽرويو ۾ سعيد اجمل جي بالنگ ايڪشن کي قانوني دائري ۾ آڻڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف سقلين مشتاق چيو ته مان نهايت اميد سان آهيان سعيد اجمل جلد عالمي ڪرڪيٽ کيڏندو. سعيد اجمل ايندڙ ٻن هفتن ۾ بايو مڪينيڪل ليبارٽري ۾ ٽيسٽ لاءِ تيار هوندو ۽ سعيد اجمل وٽ بولنگ ايڪشن ٽيسٽ ڪليئر ڪرڻ جو سونهري موقعو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *