سعودي عرب جو فٽبالر نصير الشرماني انجري سبب ايشين ڪپ کان ٻاهر

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) سعودي عرب ٽيم جو فٽبالر نصير الشرماني فٽنس مسئلن سبب ايشين فٽبال ڪپ کان ٻاهر ٿي ويو. سندس جاءِ تي ابراهيم غالب کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سعودي ٽيم مئنجمينٽ طرفان جاري ڪيل هڪ بيان موجب نصير ڇاتي جي انجري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن طبي معائني کانپوءِ کيس مڪمل آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي، جنهن سبب هو ايشين ڪپ جي ٻين ميچن ۾ ٽيم جي نمائندگي نه ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *