سري نواسن ڪرپشن ۾ ملوث، بي سي سي آءِ جي اليڪشن وڙهڻ تي پابندي لاڳو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي سپريم ڪورٽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي 6 هفتن ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي موجوده چيئرمين اين سري نواسن کي ان وقت تائين چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جيستائين سندس آءِ پي ايل ۾ ڪاروباري مفاد آهن. عدالت انڊين پريميئر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ اسپاٽ فڪسنگ ۽ سٽي بازي جي الزامن واري 18 مهينا پراڻي مامري ۾ چنئي سپر ڪنگز جي عهديدار گروناٿ ميپن ۽ راجستان رائلز جي شريڪ مالڪ راج ڪندرا کي سٽي بازي جو به ڏوهي قرار ڏنو، سپريم ڪورٽ چيو ته بي سي سي آءِ جي سرگرمي عوامي ڪم آهن ۽آرٽيڪل 226 تحت ان جو جائزو وٺي سگھجي ٿو. اعليٰ عدالت گروناٿ ميپن جي سهري ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي صدر اين سري نواسن کي پنهنجي نياڻي کي بچائڻ ۽ ان جي قدمن کي لڪائڻ جي الزامن مان ته آزاد ڪري ڇڏيو، پر چيو ته هو مفادن جي ٽڪراءَ جي ڪري هِن وقت تائين بي سي سي آءِ جي ايندڙ اليڪشن نه وڙهي سگھندو جيستائين هو آءِ پي ايل مان پنهنجا ڪاروباري مفاد الڳ نه ٿو ڪري. سري نواسن جي ڪمپني ”انڊيا سيمنٽس“ چنئي سوپر ڪنگز جو مالڪ آهي ۽ سٽي بازي جو ڏوهاري قرار ڏنل ميپن گورناٿ ان ٽيم جي انتظاميا ۾ شامل هئو. ڪيس جي درخواست گذار آدتيه ورما خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ بي سي سي آءِ کي ايندڙ ڇهن هفتن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ نالو کڻي اين سري نواسن جي چونڊون نه وڙهڻ تي پابندي هنئي آهي. جڏهن ته ڀارتي سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن ڪيس جو فيصلو جاري ڪيو،  130 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو ته ڪرڪيٽ بورڊ جو تعلق عوام سان آهي، تنهنڪري ايڏي وڏي مامري تي خاموشي اختيار نٿي ڪري سگهجي. فيصلي موجب گروناٿ ۽ راج ڪندرا سٽيبازي ۽ ميچ فڪسنگ ۾ ملوث آهن. عدالت ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي حڪم ڏنو آهي ته معاملي جو تفصيلي جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي. جڏهن ته عدالت مستقبل ۾ بي سي بي (ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ) آءِ پي ايل لاءِ ٽيمون خريد ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي.  واضح رهي ته 2013ع ۾ آءِ پي ايل ۾ ميچ فڪسنگ ۽ سٽيبازي جو وڏو اسڪينڊل سامهون آيو هو، جنهن تي بورڊ جي سربراهه شري نواسن کي هٽايو ويو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *