سريلنڪن ڪرڪيٽ جو اڳوڻو جادوئي اسپنر مرلي ڌرن اڄ پنهنجي 43 سالگره ملهائي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ جو اڳوڻو جادوئي اسپنر مرلي ڌرن اڄ پنهنجي 43 سالگره ملهائيندو. مرلي ڌرن 17 اپريل 1982ع ۾ سريلنڪا جي سياحتي ماڳ ڪينڊي ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي ڪرڪيٽ ڪيريئر دوران سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم طرفان 133 ٽيسٽ، 350 ون ڊي ۽ 12 ٽي 20 ميچون کيڏيون آهن. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هن 1216 رنسون اسڪور ڪرڻ سان گڏوگڏ 800 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 674 رنسن سان 534 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون. ٽي 20 ۾ سندس اسڪور هڪ رنس ۽ 13 وڪيٽون رهيو. واضح رهي ته مرلي ون ڊي ۽ ٽيسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *