سريلنڪا ۽ انگلينڊ جون ٽيمون ٻي ون ڊي ميچ ۾ اڄ آمهون سامهون ٿينديون

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا ۽ انگلينڊ جون ڪرڪيت ٽيمون 7 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ ۾ (اڄ) ڇنڇر ڏينهن ڪولمبو ۾ آمهون سامهون ٿينديون. سريلنڪا کي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل آهي. پهرين ون ڊي ميچ ۾ آئي لينڊرز جي ٽيم انگلينڊ کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 25 رنسن تان هارايو هو. سريلنڪن ٽيم ٻي ميچ کٽي سيريز ۾ ڪاميابي ڊبل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ٻئي پاسي انگلينڊ ٽيم ميزبان ٽيم کي هارائي سيريز ۾ حساب برابر ڪرڻ تي زور ڏيندي ان ڪري ڪرڪيٽ جي ماهرن ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سخت مقابلي جي اُميد ظاهر ڪئي آهي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽين ون ڊي 3 ڊسمبر، چوٿين ون ڊي 7 ڊسمبر، پنجين ون ڊي 10 ڊسمبر، ڇهين ون ڊي 13 ڊسمبر، جڏهن ته آخري ۽ ستين ون ڊي 16 ڊسمبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *