سريلنڪا هٿان اسڪاٽلينڊ کي 148 رنسن تان شڪست

هوبارٽ(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا اسڪاٽلينڊ کي 148 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي سريلنڪا هوبارٽ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پهريان کيڏندي 363 رنسون ٺاهيون سنگاڪارا ۽ دلشان شاندار بيٽنگ ڪندي سينچريون ٺاهيون سنگاڪارا 124 رنسن جي اننگز کيڏندي ورلڊ ڪپ ۾ مسلسل 4 سينچريون اسڪور ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، دلشان به 104 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي اسڪاٽلينڊ طرفان ڊيوي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، ايونز ۽ بيرنگٽن 2، 2 7 ٽيلر ۽ ميچن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي  هدف جي حاصلات ۾ اسڪاٽلينڊ جي ٽيم 215 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، ڪولمين 70 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، مومسين 60 رنسن جي اننگز کيڏي، سريلنڪا طرفان ڪولاسيڪرا 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، ملنگا ۽ چيمارا 2،2 وڪيٽون ورتيون پريرا ۽ دلشان جي خاطي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *